ملڪ تيزي سان معاشي ناڪامي طرف وڌي رهيو آهي، چونڊن کان پوءِ به صورتحال بهتر نه ٿيندي: شبر زيدي

ايف بي آر جي اڳوڻي چيئرمين شبر زيدي چيو آهي ته ملڪ تيزي سان معاشي ناڪامي طرف وڃي رهيو آهي، ناڻي واري وزارت جي مجبوري آهي هو چئي ڇڏين ته خزانو خالي آهي.لاهور ۾ جشن جون ايليا جي ٻئين ڏينهن به مختلف سيشن ٿيا جنهن ۾ بجيٽ ۽ معيشت تي ٿيل سيشن ۾ ايف بي آر جي اڳوڻي چيئرمين شبر زيدي چيو ته پاڪستان ملڪي ۽ غير ملڪي قرض ادا نٿو ڪري سگهي چونڊن کان پوءِ به معاشي بهتري نظر نه پئي اچي. چونڊن کان پوءِ ايندڙ حڪومت هڪ سال کان وڌيڪ نه هلي سگهندي.شبر زيدي وڌيڪ چيو ته ملڪ تيزي سان معاشي ناڪامي طرف وڃي رهيو آهي. ناڻي واري وزارت جي مجبوري آهي ته هو چئي ڇڏي ته خزانو خالي آهي. اسان ڀارت کان ڇو نٿا سکي سگهون؟تقريب ۾ شامل قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين قيصر احمد شيخ چيو ته روينيو حدف حاصل نه ٿي رهيا آهن. اڳوڻي حڪومت 3 ارب ڊالر زيرو ريٽ تي لٽائي ڇڏيا. معيشت وينٽي ليٽر تي آهي اسان شادي جي تاريخ طئي ڪرڻ چاهيون ٿا.