ملڪ: جي مختلف علائقن ۾ سخت گرمي جي لهر جاري آهي. سنڌ بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب ۾ گرمي ماڻهن جا لاهه ڪڍي ڇڏيا.موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ گرمي پد 37 سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو. دادو ۽ مٺي ۾ پارو 49 تائين پهچندو. دادو ۽ مٺي ۾ سج باهه وسائيندو جنهن سبب پارو 49 تي پهچندو.موسمياتي ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪب آباد، ڪشمور، سکر ۽ اتر سنڌ جا ٻيا علائقا پڻ گرم ترين ڏينهن کي منهن ڏيندا. نوشهروفيروز، نوابشاهه ۽ ڀرپاسي ۾ به سج پنهنجي تپش ڏيکاريندو جنهن سبب ماڻهو غير ضروري گهرن کان ٻاهر نه نڪرن.موسميات کاتي سبي ۾ 47، بهاوالپور ۽ ڊيره غازي خان ۾ پارو 44 ڊگري تائين رهڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.ٻئي طرف رات دير سان جهلم، قصور، ساهيوال، حافظ آباد ۽ پاڪ پتن سميت پنجاب جي ٻين ڪيترن ئي شهرن ۾ برسات پئي. موسميات کاتي اڄ مٿانهين خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان، ڪشمير ۾ ڪجهه هنڌن تي برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي.