پاڪستان: ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي(پي ٽي اي) سڄي ملڪ ۾ انٽرنيٽ سروس بند هجڻ تي بيان جاري ڪري ڇڏيو آهي.پي ٽي اي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ ۾ انٽرنيٽ سروس جي بندش اڻڄاتل مدي جي لاءِ آهي.پي ٽي اي طرفان چيو ويو آهي ته انٽرنيٽ سروس گهرو وزارت جي درخواست تي بند ڪئي وئي آهي.ياد رهي ته عمران خان جي گرفتاري کان پوءِ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ انٽرنيٽ سروس مڪمل طور تي بند آهي. يو ٽيوب، في سبوڪ ۽ ٽوئيٽر سميت مختلف سوشل ميڊيا ايپ بند هجڻ سبب صارفين پريشان آهن.