ملڪ ۾ تيز برساتون، نارووال ۾ کنوڻ ڪِرڻ سبب 2 ٻارن سميت 6 ڄڻا فوت

سموري ملڪ ۾ تيز برساتن دوران آسماني کنوڻ ڪرڻ سبب ٻارن سميت 6 ڄڻا زندگي جي جنگ هارائي ويا.ملڪ جي مختلف حصن ۾ تيز برساتن جو سلسلو جاري آهي، جنهن سبب موسم خوشگوار ٿي وئي آهي، جڏهن ته ڪجهه علائقن ۾ برسات سبب هيٺائين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن.نارووال جي تعلقي شڪر ڳڙهه جي مختلف علائقن ۾ آسماني کنوڻ ڪِرڻ جا واقعا پيش آيا.ضلعي انتظاميا موجب، کنوڻ ڪرڻ جي واقعن سبب 2 ٻارن سميت 6 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 4 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا آهن، جن مان ٻن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.