اسلام آباد (نمائندو ADN) توانائي واري وفاقي وزير اويس احمد لغاري چيو آهي ته ملڪ ۾ سستي بجلي جي فراهمي لاءِ هاڻي مقابلي واري مارڪيٽ قائم ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي، جنهن سان بجلي جو شعبو جديد، شفاف ۽ پائيدار بڻجندو. ٽي بي ايم ايم ورڪشاپ سان ورچوئل خطاب دوران هن چيو ته بجلي جي پيداوار، واپار ۽ ترسيل کي نئين دور ۾ داخل ڪرڻ لاءِ حڪومت پرعزم آهي، ته جيئن هر شهري کي سستي، قابلِ اعتماد ۽ ماحول دوست توانائي ملي سگهي. اويس لغاري وضاحت ڪئي ته سي ٽي بي سي ايم (CTBCM) هڪ اهڙو نظام آهي، جيڪو عالمي تجربن جي بنياد تي تيار ڪيو ويو آهي، هي ڪو تجربو نه پر سالن کان تيار ٿيندڙ اصلاحي منصوبي جو حصو آهي، جنهن جو وقت هاڻي اچي ويو آهي. هن ٻڌايو ته 800 ميگاواٽ ويهلنگ ڊيمانڊ مقابلي واري عمل ذريعي الاٽ ڪئي ويندي، جنهن مان خاص طور وڏا صنعتي صارف فائدو وٺي سگهندا، جتي هو سڌو سپلائر کان بجلي خريد ڪري سگهندا. توانائي وزير جو چوڻ هو ته سي ٽي بي سي ايم ۽ ويهلنگ آڪشن سان صنعتن جا خرچ گهٽ ٿيندا، قابلِ تجديد توانائي کي فروغ ملندو ۽ برآمدي شعبي کي سستي بجلي دستياب ٿيندي. هن زور ڏنو ته هي فريم ورڪ شراڪتي بنيادن تي تيار ڪيو ويو آهي، ڇو ته جيڪڏهن اصلاحي قدم نه کنيا ويا ته نااهليون برقرار رهنديون ۽ صارفين تي بار وڌندو رهندو.