ڪراچي: ملڪ ۾ اڄ سون جي قيمت ۾ سوين رپيا واڌ ٿي آهي.آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب في تولو سون 1500 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 21 هزار رپين جو ٿي ويو آهي.اهڙي ريت ڏهه گرام سون 1286 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 89 هزار 472 رپين جو ٿي ويو آهي.هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 1990 ڊالر في اونس تي برقرار آهي.