ڪراچي: ملڪ ۾ سون مهانگو ٿيڻ جو سلسلو اڄ به جاري رهيو.آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 150 رپيا واڌ کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت 2 لک 18 هزار 800 رپيا ٿي وئي آهي.اهڙي ريت ڏهه گرام سون 129 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 1 لک 87 هزار 586 رپين جو ٿي ويو آهي.هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر هڪ ڊالر واڌ سان 2001 ڊالر في اونس آهي.