ملڪ ۾ اڄ سون جي قيمت ۾ سوين رپيا گهٽتائي سامهون آئي آهي.آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 1600 رپيا گهٽتائي کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت 2 لک 31 هزار 400 رپيا ٿي وئي آهي.اهڙي ريت ڏهه گرام سون 1371 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 98 هزار 388 رپين جو ٿي ويو آهي.هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 27 ڊالر گهٽجڻ کانپوءِ 1948 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.