ملڪ ۾ سون جو في تولو وڌيڪ 2 هزار رپيا مهانگو ٿي ويو آهي.آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب سون جي في تولو 2 هزار رپيا مهانگو ٿيڻ بعد 2 لک 37 هزار 300 رپين جو ٿي ويو آهي.اهڙي ريت ڏهه گرام سون جي قيمت 1714 رپيا واڌ بعد 2 لک 3 هزار 446 رپيا آهي.هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون في اونس 5 ڊالر مهانگو ٿيڻ بعد 1972 ڊالر جو ٿي ويو آهي.