سُڌ :سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پي ٽي آءِ پنهنجي حڪومت واري دور ۾ سمورن ادارن کي تباهه ڪيو ملڪ ۾ چار سال نفرت جا ٻج پوکيا ويا.لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته هڪ خاص گروپ سوشل ميڊيا ذريعي نفرت پکيڙي پئي وڃي. پي ٽي وي تي حملو ڪندڙن ريڊيو پاڪستان تي به حملو ڪيو ويو. سيڪيورٽي گارڊز کي حملي دوران لٺين سان تشدد جو نشانو بنايو ويو.هن چيو ته هڪ خاص گروپ سوشل ميڊيا ذريعي نفرت پکيڙي رهيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف ليپ ٽاپ ورهايا. اسان جو مقصد آهي ته ٻارن جي هٿن ۾ ليپ ٽاپ هجي پيٽرول بم نه. ايندڙ وقت پاڪستان کي ٺاهڻ جو وقت آهي. سياسي پارٽيون هڪ پليٽ فارم تي گڏ آهن.مريم اورنگزيب چيو ته نوازشريف جي ذريعي سي پيڪ آيو ته سڀني کان وڏو حصو روڊ نيٽ ورڪ، ون بيلٽ، ون روڊ، ڪلچر ۽ ثقافت اهم هو. ايندڙ وقت ۾ پرائيويٽ سيڪٽر پنهنجو حصو وجهي، نوجوانن جي تربيت ڪري، حڪومت پليٽ فارم مهيا ڪندي.وفاقي وزير چيو ته سڄي دنيا ۾ ايئرپورٽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ سان هلندا آهن. هيٿرو ايئرپورٽ به آئوٽ سروس آهي. ڪابه پاڪستاني شيءَ وڪرو نه ٿي رهي آهي. حڪومت جو مدو آئيني وقت تي پورو ٿيندو. نوازشريف کي سياسي انتقام جو نشانو بنايو ويو. عدليه کي پاڻ فيصلو ڪرڻ گهرجي. نوازشريف جلد ملڪ واپس ايندو.هن وڌيڪ چيو ته انساني اسمگلنگ ۾ جيڪو به ملوث هوندو قانونسازي تحت انهن جي روڪٿام ڪنداسين. وزيراعظم جلد ئي ان سلسلي ۾ اهم اعلان ڪندو. چهرا ڪنهن کان به لڪل نه آهن. جنهن امپورٽڊ حڪومت جا نعرا لڳايا اهي آمريڪا جي جهولي ۾ ويهي رهيا. آرمي چيف جي قتل بابت سوشل ميڊيا مهم جي سخت مذمت ڪريان ٿي. اهڙي مهم سان ڪوبه فرق نه پوندو. وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته اهڙن عناصرن کي منهن ڏنو وڃي جيڪي آرمي چيف خلاف مهم ۾ شامل آهن.