منهنجي حياتي عمران خان کان وڌيڪ قيمتي نه آهي، 15 آڪٽوبر تي احتجاج جي اڳواڻي پاڻ ڪندس: حماد اظهر

   پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ حماد اظهر چيو آهي ته منهنجي حياتي عمران خان کان وڌيڪ قيمتي نه آهي، 15 آڪٽوبر جي احتجاج جي اڳواڻي مان پاڻ ڪندس.ايڪس(ٽوئٽر) تي جاري ڪيل وڊيو پيغام ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ حماد اظهر چيو ته سڀني کان وڌيڪ خطرو مون کي آهي، چيو وڃي ٿو ته جيڪڏهن مان گرفتار ٿيس ته مون کي قتل ڪيو ويندو يا پوءِ بدترين تشدد جو نشانو بنايو ويندو پر منهنجي حياتي عمران خان جي حياتي کان وڌيڪ قيمتي نه آهي. جيڪڏهن مون کي عمران خان، پاڪستان ۽ الله جي زمين لاءِ پنهنجي حياتي جي قرباني ڏيڻي پئي ته مان ضرور ڏيندس.پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته جيڪڏهن اسان جي عمران خان سان ملاقات نه ڪرائي وئي ته 15 آڪٽوبر تي مان پاڻ ٻاهر نڪري احتجاج جي اڳواڻي ڪندس، انهي احتجاج ۾ مان اڪيلو نه هوندس، پرعزم ۽ محب وطن عوام جو سمنڊ مون سان گڏ هوندو. حماد اظهر وڌيڪ چيو ته عمران خان اسان جي ريڊ لائن آهي جيڪو هن قوم کي مايوسي جي دلدل مان ڪڍي سگهي ٿو. پي ٽي آءِ جا سمورا ٽڪيٽ هولڊر ۽ عهديدار 15 آڪٽوبر تي اسلام آباد پهچندا ۽ جيڪي نه پهچندا اهي انهي ڏينهن کان پوءِ ٽڪيٽ هولڊر ۽ عهديدار نه رهندا.