سنڌ حڪومت صوبي جي سمورن صنعتي ۽ واپاري ادارن ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن جي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ماهوار پگهار 40 هزار روپيه مقرر ڪرڻ جو باضابطه طور تي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي جيڪو پهرين جولاءِ 2025 کان لاڳو ٿيندو صوبائي وزير شاهد ٿهيم چيو آهي ته نيم هنر مند ماڻهن جي ماهوار پگهار 41.380 روپيه، هنرمندن جي پگهار 49.628 روپيه ۽ اعليٰ هنرمند جي پگهار 51.745 روپيه مقرر ڪئي آهي اها پگهار سمون رجسٽرڊ ۽ غير رجسٽرڊ صنعتي ۽ واپاري ادارن تي هڪ جهڙي لاڳو ٿيندي جڏهن ته مرد، عورت، مزدورن کي برابري جي بنياد تي پگهار ڏني ويندي. اهڙا سمورا ادارا جتي مزدورن کي في ڪلاڪ جي حساب سان پگهار ڏني ويندي آهي انهن کي گهٽ ۾ گهٽ 192 روپيه في ڪلاڪ ادائيگي يقيني بنائڻي پوندي هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت مزدور دوست پاليسين تي عمل پيرا آهي ۽ مزدورن جي فلاح، بهبود، مناسب پگهار ۽ بهتر ماحول کي يقيني بنائڻ جي لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي. گهٽ ۾ گهٽ پگهار ۾ اضافي جو مقصد مهانگائي جي دٻاءُ کي گهٽ ڪرڻ ۽ مزدور طبقي کي باعزت طريقي سان زندگي فراهم ڪرڻ آهي.