سيڪيورٽي فورسز مهمند ۾ ايف سي هيڊ ڪوارٽرز تي دهشتگردن جو حملو ناڪام بنائي ڇڏيو آهي.آءِ ايس پي آر موجب 4 دهشتگردن مهمند ۾ ايف سي هيڊ ڪوارٽرز کي نشانو بنائڻ جي ڪوشش ڪئي. سيڪيورٽي فورسز وقت تي ڪارروائي ڪندي دهشتگردن جو حملو ناڪام بنائي ڇڏيو. سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ 4 آپگهاتي بمبار دهشتگرد مارجي ويا.آءِ ايس پي آر موجب علائقي کي دهشتگردن کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن جاري آهي. پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي ناسور کي جڙ مان ختم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي.ٻئي طرف وفاقي گهرو وزير محسن نقوي مهمند ۾ ايف سي هيڊ ڪوارٽرز تي دهشتگردن جي حملي جي ڪوشش ناڪام بنائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. گهرو وزير چيو ته سيڪيورٽي فورسز اونداهي ۾ حملو ڪندڙ بزدل دشمن جي ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو.