اسلام آباد: پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سينئر نائب صدر ۽ مرڪزي چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته پي ٽي آءِ وارا ن ليگ ۾ اچڻ لاءِ منٿون ڪري رهيا آهن.اسلام آباد ۾ تنظيمي اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته موجودا حڪومت مهانگائي جي ذميوار نه آهي، عوام ڄاڻي ٿو ته معاشي تباهي ۽ مهانگائي جو عذاب اڳوڻي حڪومت آندو، 4 سالن دوران جيڪا تباهي مچائي وئي ان مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ ڪجهه سال لڳندا.هن چيو ته نواز شريف ايندو ته سڀ ٺيڪ ٿي ويندو، ماضي ۾ به سدائين ملڪ خراب حالتن ۾ مليو پر نواز شريف ۽ شهباز شريف سدائين ڪم ڪري ڏيکاريو ۽ هاڻي به قوم ۽ ملڪ کي بحران مان ڪڍنداسين.مريم نواز چيو ته پي ٽي آءِ جا ماڻهو ن ليگ ۾ اچڻ لاءِ منٿو ڪري رهيا آهن، عمران خان خلاف ڪيس سياسي انتقام جي بنياد تي نه ٺهيا، اوڀر ۽ اولهه ۾ سڀ ڄاڻن ٿا ته عمران خان ٽيريان واري معاملي تي ڪوڙ ڳالهايو آهي.