عوامي مسلم ليگ جي سربراهه ۽ وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته موجوده معاشي حالتن ۾ ملڪ هلائڻ آسان نه آهي عوام جي لاءِ ريليف نه تڪليفون ئي تڪليفون آهن. حق ڦرڻ کان سواءِ هاڻ ٻيو ڪوبه رستو نه بچيو آهي.سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي پنهنجي هڪ پيغام ۾ شيخ رشيد چيو ته 12 جولاءِ کان اڳ آءِ ايم ايف وڏي پارٽين جي يقين دهاني چاهي ٿو. جنهن ۾ ماڻهن کي ووٽ جو حق ڏيڻ به شامل آهي. پاڪستان جي معاشي مسئلن جو حل اسٽينڊ باءِ معاهدي سان نه ٿيو صرف عارضي ريليف مليو آهي. عوام جي تڪليف گهٽ نه ٿي آهي.هن چيو ته 3 سالن دوران 91 ارب ڊالر ۽ هن سال ڊسمبر تائين 11 ارب ڊالرڏيڻا آهن. گروٿ ٻُڙي آهي. نه ايڪسپورٽ وڌي، نه ترسيلات وڌيون صرف مهانگائي ۽ بيروزگاري ۾ واڌ ٿئي ان لاءِ 9 مهينن ۾ موجوده نگران ۽ ايندڙ ٽنهي حڪومتن جي لاءِ سياسي عذاب ۽ امتحان هوندو. اصل سنگين مسئلا اڃان تائين موجود آهن.شيخ رشيد چيو ته جيستائين عوام جو ساٿ نه هوندو. معاشي اقتصادي مسئلا حل نٿا ٿي سگهن. جيڪي قرض عوام کي ادا ڪرڻا آهن ان تي ڌمال هڻندڙ شرم کان ٻڏي مرن. اسان جا سمورا دوست سمجهائي رهيا آهن ته پنهنجي ملڪ ۾ سياسي استحڪام پيدا ڪريو تڏهن ئي ملڪ ۾ مالي معاشي استحڪام ايندو.عوامي مسلم ليگ جي سربراهه چيو ته جيڪڏهن اسان قرضن جي ري شيڊولنگ وقت تي نه ڪرائي سگهياسين ته ڊيفالٽ جي تلوار اسان جي مٿان لٽڪندي رهندي. اڄ جون حالتون، واقعا اهڙي طرح جي معاشي حالتن ۾ ملڪ هلائڻ آسان نه آهي، عوام جي لاءِ رليف نه تڪليفون ئي تڪليفون آهن.اڳوڻي وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته جنهن اسيمبلي کي پوليس تالا لڳائي، آئين ۽ قانون کي ختم ڪيو وڃي، عدليه جا فيصلا نه مڃيا وڃن، ماڻهن کي گهرن مان کنيو وڃي، اتي جمهوري عمارتون پٽ پئجي وينديون آهن. ماڻهن جي لاءِ تڙپي تڙپي مرڻ يا پنهنجي حياتي تري تي رکي پنهنجا حق ڦرڻ کان علاوه ٻيو ڪوبه رستو نه بچيو آهي.