مودي سرڪار جي آپريشن سندور ۾ ناڪامي تي اڳوڻي ڀارتي پرڏيهي وزير جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف

اڳوڻي ڀارتي پرڏيهي وزير يشونت سنها جا آپريشن سندور جي ناڪامي تي ڇرڪائيندڙ انڪشاف سامهون اچي ويا آهن. يشونت سنها موجب مودي حڪومت ناڪام ميڊيا جي ذريعي آپريشن سندور جي ناڪامي لڪائڻ جي لاءِ گمراهه ڪندڙ پروپيگنڊا ڪري رهي آهي. اڳوڻي ڀارتي پرڏيهي وزير يشونت سنها سوال اٿاريندي چيو آهي ته مودي حڪومت جهازن جي تباهي جو اصل انگ لڪائي قوم کي گمراهه ڪري رهي آهي. هن چيو ته مودي حڪومت آپريشن سندور کي بهار اليڪشن ۽ سياسي فائدي جي لاءِ استعمال ڪندي. مودي امرت شاهه، جي شنڪر ۽ اجيت دووال کي سفارتڪاري ۽ انٽيليجنس جي ناڪامي تي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي. يشونت سنها چيو ته آپريشن سندور جي ناڪامي تي سوال ڪندڙ اڄ ڀارت ۾ غدار چورائيندو آهي. عوام کي حقيقتون ٻڌائڻ جي بجاءِ مودي سرڪار مڪمل طور تي خاموش آهي. مودي آل پارٽي اجلاس کي نظر انداز ڪري بهار ۾ سياسي بيان ڏيڻ کي ترجيح ڏني. اڳوڻي ڀارتي پرڏيهي وزير چيو ته مودي ۽ بي جي پي پروپيگنڊا ۽ ڪوڙ تي ٻڌل سياست ڪري رهي آهي، مودي پهلگام فالس فليگ کي پنهنجي ناڪام سياسي مقصدن جي لاءِ استعمال ڪيو. ٻئي طرف دفاعي ماهرن موجب اڳوڻي ڀارتي پرڏيهي وزير جي بيانن مان ظاهر آهي ته مودي کي عبرتناڪ شڪست ملي آهي.