مورو شهر ۾ روڊ حادثي دوران فوت ٿي ويل هڪ ئي گهر جي ستن ڀاتين جي جنازي نماز ڳوٺ جان محمد جانوري ۾ ادا ڪئي وئي. جنازي نماز ۾ ڊپٽي ڪمشنر خيرپور فياض حسين راهوجو، اسسٽنٽ ڪمشنر ارسلان حيدر ڦلپوٽو، سياسي ۽ سماجي تنظيمن جا اڳواڻ، ڪارڪن، واپاري ۽ علائقي جا شهري وڏي انگ ۾ شامل ٿيا. جنازي نماز کان اڳ جڏهن فوتين جا لاش کڻي ايندا رهيا ته وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو، ڳوٺ ۾ سوڳ جو ماحول ڇانيل رهيو. فوتين کي ڳوٺ جي گولو فقير قبرستان ۾ سپردِ خاک ڪيو ويوهوڏانهن خيرپور ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات سبب ڳوٺ جان محمد جانوري جي مختلف روڊن تي پاڻي بيٺل هو، جنهن ڪري فوتين جا مڙهه کڻي وڃڻ ۾ ماڻهن کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو.