مورو قومي شاھراھ تي ڪئنال منصوبي خلاف هنيل ڌرڻو نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ کان پوءِ ختم ڪيو ويو آهي جنهن کان پوءِ ٽريفڪ جي رواني بحال ٿي وئي آهي. وڪيلن جي حڪم تي قوم پرست پارٽين جي اڳواڻن پرويز سنڌي، شاھد چانڊيو پاران پاڻمرادو قومي شاھراھ تي لڳل ڌرڻو ختم ڪيو ويو آھي جنھن بعد ٽريفڪ جي رواني بحال ٿي چڪي آھي گذريل 12 ڏينھن کان ٻٻرلوءِ بائي پاس تي ويٺل وڪيلن سان اظھار يڪجھتي طور لڳل ڌرڻو وڪيلن جي حڪم بعد ختم ڪيو ويو آھي درڻي جي اڳواڻي ڪندڙ پرويز سنڌي شاھد چانديو جو چوڻ آھي ته سنڌو درياءُ تي غير قانوني ڪينال اڏڻ واري منصوبي خلاف سنڌ جي وڪيلن پاران ھڪ عملي جدوجھد جو مظاھرو ڪيو ۽ منصوبو رد ڪرائڻ بعد مورو درڻو ختم ڪرڻ جو حڪم ڪيو ويو وڪيل دوستن جي حڪم تحت اڄ ٻارھين ڏينھن احتجاج ختم ڪيو ويو آھي.