موسميات کاتي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ کنوڻ سان برسات جا امڪان ظاهر ڪري ڇڏيا

موسميات کاتي چيو آهي ته اڄ اسلام آباد، پنجاب، خيبرپختونخواهه، بلوچستان، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ تيز هوائن ۽ کنوڻ سان برسات جو امڪان آهي.موسميات کاتي موجب ملتان، بهاوالپور ۽ ڊي جي خان ۾ برسات پئي جنهن سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي جي فراهمي معطل رهي جڏهن ته ڪراچي جي علائقي ڪلفٽن ۽ ڊفينس ۾ به هلڪي برسات رڪارڊ ڪئي وئي.موسميات کاتي موجب گذريل ڏينهن ملڪ ۾ سڀني کان وڌيڪ برسات لاهور ايئرپورت تي 255 ملي ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي. جڏهن ته برسات سبب لاهور جا ڪيترائي علائقا پاڻي ۾ ٻڏل رهيا.هوڏانهن ڪوهه سليمان رينج ۾ تيز برسات پئي جنهن سبب لينڊ سلائيڊنگ ٿي لينڊ سلائيڊنگ سبب موٽر وي اين 50 بند ٿي ويو بلوچستان جو خيبرپختونخواهه سان زميني رابطو به ڪاٽا ٿي ويو. موٽر وي تي وڏي انگ ۾ گاڏيون ڦاٿل آهن.برسات سبب ڪوئٽه زوب هاءِ وي تي ڪار ٻوڏ وهڪري ۾ لڙهي وئي جنهن مان هڪ شاگرد جي لاش ڪڍي وئي جڏهن ته 2 کي بچايو ويو ڊرائيور جي ڳولا ڪئي پئي وڃي.گذريل رات تيز برسات سبب راولپنڊي جي هاءِ ڪورٽ روڊ تي سوان پل ۾ گهارو پوڻ سبب پل جو هڪ حصو ڪري پيو جنهن سبب ٽريفڪ متاثر ٿي جنهن لاءِ ضلعي انتظاميه سوان پل جي بحالي جو آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي. موسميات کاتي موجب چوماسي برساتن جو سلسلو 30 جون تائين جاري رهندو.