جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي ڀاءُ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جو اليڪشن وڙهڻ جو چيلينج قبول ڪري ورتو آهي مولانا فضل الرحمان جي ننڍي ڀاءُ انجنيئر ضياءُالرحمان جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ وڏي وزير علي امين گنڊاپور جو اليڪشن وڙهڻ جو چيلينج قبول ڪندي چيو آهي ته علي امين گنڊاپور اوهان جو چيلينج قبول آهي، تنهنجي ايتري اوقات ناهي جو مولانا فضل الرحمان تنهنجو چيلينج قبول ڪري هن پختونخواهه جي وڏي وزير کي مخاطب ٿيندي چيو ته پهريان تون مفتي محمود جي هن پٽ سان مقابلو ڪري ڏيکار، مولانا فضل الرحمان ته تنهنجي اڳواڻ کي اقتدار جي ڪرسي تان گهلي ڪڍيو هو، تون پنهنجي ڀاءُ کان استعيفيٰ ڏياري انهي جو مون سان مقابلو ڪراءِ وڊيو بيان ۾ انجنيئر ضياءُالرحمان چيو ته مان ڊيرا اسماعيل خان جي چوڪ تي بيهي چيو هو ته جيڪڏهن انهي جو ڊي اين اي ڪيو ويو ته اهو گنڊاپور نه نڪرندو، گنڊاپور بهادر ۽ غيرتمند ماڻهو آهن پر هي انهن مان نه آهي. مولانا فضل الرحمان جي ڀاءُ موجب علي امين گنڊاپور جي ڳالهين ۽ تڪليف مان خبر پئجي چڪي آهي ته انهن جي وڃڻ جو زمانو اچي چڪو آهي ياد رهي ته آچر تي لاهور ۾ پارٽي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور مولانا فضل الرحمان کي کليل چيلينج ڏنو هو. علي امين گنڊاپور مولانا فضل الرحمان کي چيلينج ڏيندي چيو هو ته ڊيرا اسماعيل خان ۾ منهنجي ڀاءُ جي خلاف اليڪشن کٽي ڏيکاريو، مولانا فضل الرحمان اليڪشن کٽي ويو ته مان استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندس.