مولانا فضل الرحمان پهريون رائونڊ کٽي سڀني کي گهر جو رستو ڏيکاري ڇڏيو آهي: شيخ رشيد

اڳوڻي گهرو وزير ۽ عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد چيو آهي ته جمعيت علماءِ اسلام(جي يو آءِ) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان پهريون رائونڊ کٽي ورتو اهي.هن پنهنجي هڪ بيان ۾ مولانا فضل الرحمان کي آئيني ترميم جي مسودي جي پهرين مرحلي جو فاتح قرار ڏئي ڇڏيو. هن چيو ته مولانا فضل الرحمان سڀني کي گهر جو رستو ڏيکاري ڇڏيو آهي.شيخ رشيد چيو ته ڪنهن وٽ آئيني مسودي جي ڪاپي نه آهي. جمهوريت تي جڏهن به راتاهو هنيو ويو آهي اهو ڏينهن جو نه پر رات جو هنيو ويو آهي. اميد آهي ته 30 سيپٽمبر تائين جمهوريت جي سياست جو لاهن چاڙهن جو فيصلو ٿي ويندو.هن چيو ته مرحوم مفتي محمود به ذوالفقار علي ڀٽو کي شڪست ڏني هئي ووٽ کي عزت ڏيڻ وارن ووٽ کي ٽڪي جي ٽوڪري بنائي ڇڏيو آهي. اڳوڻي وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته ووٽ جو جمعي بازار لڳل آهي، هي 25 ڪروڙ عوام کي ڪيئن اعتماد ۾ وٺندا.