اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته مون کي قتل ڪرڻ جي سازش شروع ٿي وئي آهي، 3 ڄڻن کي مون کي قتل ڪرڻ جو چيو ويو آهي. ڊڄڻو نه آهيان، دوستي ۽ دشمني کي آخر تائين نڀائيندس، مرڻ کان ڊڄان نٿو.شيخ رشيد احمد جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته گذريل 20 ڏينهن کان منهنجي ڀينرن، ڀائٽين، ڀائرن ۽ 30 سال اڳ فوت ٿيل منهنجي والده جي گهرن تي پوليس ڇاپا هڻي رهي آهي. منهنجي والده جي گهر ۾ به ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي. ملڪ ۾ نه هئس پر ان جي باوجود 9 مئي واقعن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ڇو ته پاڪ فوج کي عظيم ۽ ملڪ جو محافظ سمجهان ٿو.شيخ رشيد چيو ته مان ڊڄڻو نه آهيان، دوستي دشمني قبر تائين نڀائيندس، 3 ماڻهن کي مون کي قتل ڪرڻ جو چيو ويو آهي قوم کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته پنهنجي دفاع جو حق رکان ٿو. پاڪستان جي حقيقي حڪومت جي ذميوارن کي لکي ڇڏيو آهي. زيادتي حد تائين هوندي آهي. پي ڊي ايم انتقام کي تمام اڳتي کڻي وئي آهي جيڪو فصل هو پوکي رهيا آهن اهوئي انهن کي پاڻ ڪٽڻو پوندو.شيخ رشيد چيو ته مان گذريل 20 ڏينهن کان صرف ٽوئيٽ ڪري رهيو آهيان ٽي وي ٽاڪ شو ۾ به نه ويو آهيان منهنجي ٽوئيٽ سان به جيڪڏهن هي ڊنل آهن ته جيستائين مان گرفتار نٿو ٿيان تيستائين ٽوئيٽ جاري رهندا. قوم کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته جيڪي ماڻهو پارٽي ڇڏي وڃي رهيا آهن اهي ڪمزور ٿي سگهن ٿا، انهن جا ڪيس ٿي سگهن ٿا، اهي دٻاءُ برداشت نه ڪري سگهندا هوندا.اڳوڻي گهرو وزير وڌيڪ چيو ته جيستائين عمران خان اها ويڙهه وڙهي رهيو آهي مان ان سان گڏ بيٺل هوندس جيستائين عمران خان اقتدار ۾ هوندو ان وقت تائين منهنجي مٿان ڪابه ذميواري نه هوندي ته منهنجو ڪردار ڇا هوندو. مان سچ ۽ حق جو جهنڊو اوچو رکندس. پوءِ ڀلي مون کي قتل ڪيو وڃي.