ڪنڌڪوٽ: غوثپور ڀرسان ڪچي جي ڳوٺ آدم جاگيراڻي ۾ ڏن/زڪوات وٺڻ لا۽ آيل عادل پور/گھوٽڪي واسي پنجاھ ورھين جو مولانه عبدالباري سومرو موٽر سائيڪل تان ڪري ڌڪ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو۔ رابطي ڪرڻ تي ڳوٺ جي چڱي مڙس خان جاگيراڻي رپورٽر کي ٻڌايو ته مولانه ھرسال اسان جي علائقي ۾ زڪوات ۽ ڏن جي اوڳاڙي لا۽ ڪچي جي علائقي ۾ موٽر سائيڪل تي چڙھي ايندو ھيو۔ ٻھ ڏينھن اڳ تيز رفتاري ۽ روڊ خراب ھجڻ سبب گاڏي ھلائيندي ڪري پيو ته اسان کيس ڪنڌڪوٽ کڻائي اسپيشلسٽ کي ڏيکاريو سيس پر سندس حالت خراب ٿي ويئي ۽ اڄ اسر ويلي اوطاق تي چانھ کڻي وياسين ته فوت ٿي چڪو ھيو۔ ڳوٺاڻڻ حد جي پوليس کي گذارش ڪئي ته سندس لاش کڻائي وارثن حوالي ڪيو وڃي