ميمار ۽ ٿائيلينڊ ۾ زلزلي سبب فوتين جو انگ 1000 کان وڌي ويو آهي. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب سرڪاري انگ اکر ٻڌائين ٿا ته ميانمار ۾ زلزلي سبب 1002 ڄڻا فوت ۽ 2400 ڄڻا زخمي ٿي پيا. خبرون ڏيندڙ ايجنسي ٻڌايو آهي ته ريسڪيو ٽيمون ملبي مان دٻيل ماڻهن کي ڪڍڻ ۾ مصروف آهي جڏهن ته آمريڪي ايجنسي زلزلي ۾ 10 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جي فوتگين جو امڪان ظاهر ڪيو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب ميانمار جو ٻيون نمبر وڏو شهر منڊالي ۾ ايندڙ زلزلو ايترو ته شديد هو جو انهي جا جهٽڪا 900 ڪلو ميٽر پري ٿائيلينڊ جي راڄڌاني بئنڪاڪ ۾ به محسوس ڪيا ويا جتي ڪيتريون ئي تعميراتي اسٽرڪچر ۽ عمارتون پٽ پجي ويون. انهي کان علاوه زلزلي جا لوڏا ڀارتي رياستن ميگهاليه، مني پور، بنگلاديش جي راڄڌاني ڍاڪا ۽ چين ۾ به محسوس ڪيا ويا. ٻئي طرف بئنڪاڪ جي اختيارين جو چوڻ آهي ته انهي کي تعميراتي اسٽرڪچر ۾ ڏار پوڻ جا 2000 رپورٽون مليون آهن، هڪ تعمير هيٺ بلند عمارت پٽ پوڻ سان 10 ڄڻا فوت ۽ 100 مزدور گم آهن. ياد رهي ته گذريل ڏينهن ميانمار ۽ ٿائيلينڊ ۾ طاقتور شدت جو زلزلو محسوس ڪيو ويو هو، آمريڪي جيولوجيڪل سروي موجب زلزلي جي شدت 7.7 ۽ انهي جي گهيرائي 10 ڪلو ميٽر هئي، زلزلي جو مرڪز ميانمار جي شهر منڊالي مان 17.2 ڪلو ميٽر جي فاصلي تي هو.