ميانوالي چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جو راڪيٽ لانچرز سان حملو

 عيسيٰ خيل ٿاڻي ڀرسان ميانوالي جي قبول خان پوليس چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن حملو ڪيو جنهن کي پنجاب پوليس ناڪام بنائي ڇڏيو. پنجاب پوليس جي ترجمان موجب 12 کان 14 دهشتگردن رات جي اونداهي جو فائدو وٺي قبول خيل چيڪ پوسٽ تي راڪيٽ لانچرز ۽ هينڊ گرنيڊز سان حملو ڪيو. چيڪ پوسٽ تي مقرر پنجاب پوليس جا جوان الرٽ هئا، سخت جوابي فائرنگ جي نتيجي ۾ دهشتگردن جو حملو ناڪام بنايو ويو. پنجاب پوليس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته دهشتگردن جي حملي ۾ چيڪ پوسٽ تي مقرر 2 جوان گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيا. دهشتگرد رات جي اونداهي جو فائدو وٺي فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. اطلاع ملندي ئي ڊي پي او ميانوالي اختر فاروق فوري طور تي چيڪ پوسٽ تي پهتو جتي هن جوانن کي حملو ناڪام بنائڻ تي شاباش ڏني، ڊي ايس پي عيسيٰ خيل ۽ ايس ايڇ او وڌيڪ نفري سان پوليس چيڪ پوسٽ تي موجود آهي ۽ علائقي ۾ سرچ آپريشن ڪيو پيو وڃي. پوليس موجب مفرور دهشتگردن کي ڳري نقصان پهچڻ جا امڪان آهن.