ميان صاحب: ميان صاحب شهر ۾ پنجن سالن کان جاري گئس جي بندش خلاف علائقائي رهواسين پاران احتجاجي تحريڪ جاري آهي، جنهن کي هاڻي سياسي اڳواڻن جي به حمايت حاصل ٿيڻ لڳي آهي. ان سلسلي ۾ مقامي سماجي اڳواڻ اي ڪي دايو پاران ايم ڪيو ايم اڳواڻ عبدالجليل سولنگي سان رابطو ڪيو ويو، جنهن ميان صاحب واسين جي گئس جي بندش بابت شڪايت ٻڌڻ بعد فوري طور تي لاڙڪاڻي جي لاڳاپيل اختيارين سان رابطو ڪيو. ذريعن موجب، سومر ڏينهن لاڙڪاڻي مان هڪ ٽيم ميان صاحب پهچندي، جيڪا گئس جي فراهمي جو تفصيلي جائزو وٺندي ۽ امڪان آهي ته جلد ئي مسئلو حل ڪيو ويندو. ياد رهي ته گذريل پنجن سالن کان ميان صاحب واسي گئس جهڙي بنيادي سهولت کان محروم آهن، جنهن سبب سندن روزمره جي زندگي ڏکيائي جو شڪار آهي. علائقي واسين اميد ظاهر ڪئي آهي ته هن نئين اڳڀرائي سان کين جلد گئس فراهمي ٻيهر شروع ڪئي ويندي.