ميرپورخاص: عورت سان اجتماعي لڄالٽ واري ڪيس جي ٻڌڻي، عورت ڄاڻايل جوابدار کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ضمانت منظور

عورت سان اجتماعي لڄالٽ واري ڪيس جي ٻڌڻي، عورت پاران جوابدار ڄاڻايل شخص کي سڃاڻڻ کان انڪار، جوابدار جي ضمانت منظور ميرپورخاص ۾ نوڪري بھاني مبينا اجتماعي لڄالٽ ڪرڻ جي ڪيس ۾ گرفتار ٿيل پٿورو واسي عبدالحڪيم آريسر ضمانت جي سلسلي ۾ سيشن ڪورٽ ۾ پيش ٿيو، جتي عدالت سندس 50 لک رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي آھي جڏھن ته ڪيس داخل ڪرائيندڙ عورت ماھم يوسفزئي کي پڻ سڃاڻپ جي سلسلي ۾ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو عدالت ٻاھران ڳالھائيندي جوابدار عبدالحڪيم آريسر جي وڪيل افضل ڪريم ورڪ چيو ته ڪورٽ ۾ سندس موڪل جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنھن ۾ پوليس پاران ميڊيڪل رپورٽ پڻ پيش ڪئي وئي، جنھن ۾ عورت تي تشدد جا ڪي به نشان ناھن مليا ھن وڌيڪ چيو ته عورت ڪجھ ڏينھن اڳ به اھڙو بيان ڏنو آھي، جنھن ۾ ھن عبدالحڪيم کي جوابدار طور سڃاڻڻ کان انڪار ڪيو آھي، ۽ اڄ بھ عدالت ۾ جوابدارن جي سڃاڻپ لاءِ جڏھن کيس پيش ڪيو ويو ته ھن اھڙو بيان ڏنو آھي ته جن جوابدارن ساڻس زيادتي ڪئي ھئي، انھن ۾ عبدلحڪيم شامل ناھي.