ميمبرن کي پارليامينٽ جي اندران گرفتار ڪرڻ مناسب عمل نه آهي: شيخ رشيد

عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد تحريڪ انصاف جي اڳواڻن جي گرفتاري تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته پارليامينٽ جي اندران ميمبرن کي گرفتار ڪرڻ مناسب نه آهي.اسلام آباد جي عدالت ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي شيخ رشيد چيو ته 20 سيپٽمبر تائين انتظار ڪنداسين، ڏسون آسمان ڪيئن ٿو رنگ تبديل ڪري.شيخ رشيد چيو ته اڳوڻي پي ٽي آءِ چيئرمين سان ڪابه شڪايت نه آهي موسم جهڙالو آهي، منهنجو ڪنهن سان به رابطو نه آهي. هن اسيمبلي طرف ڪوبه نه پيو ڏسي. چيف جسٽس جو ايڪسٽينشن نه وٺڻ جو بيان جاندار آهي.هن چيو ته  هي پهريون دور آهي جو منهنجو ڪنهن سان به رابطو نه آهي. 3 دفعا چلا ڪاٽيا آهن ڪنهن به ٻئي ماڻهو 40 ڏينهن جو چلو ڪاٽيو هجي ته مون کي ٻڌائي. منهنجي پي ٽي آءِ باني سان ڪابه شڪايت نه آهي پر ڪنهن کي به گاريون نه ڏيڻ گهرجن، جن ماڻهن کي صبح جو ناشتي کان پوءِ گرفتار ڪيو ويو اهو صحيح نه ٿيو آهي.ياد رهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف اڳواڻن جون گرفتاريون جاري آهن. پارليامينٽ هائوس مان پي ٽي آءِ ميمبرن کي گرفتار ڪيو ويو آهي انهي کان علاوه سني اتحاد ڪونسل جي صاحبزاده حامد رضا کي به گرفتار ڪيو ويو آهي.ذريعن ٻڌايو آهي ته گرفتاري کان اڳ پارليامينٽ هائوس جي لائيٽن کي بند ڪيو ويو هو. جنهن کان پوءِ اهلڪار پارليامينٽ هائوس جي اندر داخل ٿيا.