ميھڙ ڀرسان بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ منگواڻي روڊ تي نامعلوم هٿياربند ڦورن پاران ڳوٺ شير واھ جي رهواسي سليم چانڊيو کان موٽر سائيڪل. روڪ رقم ۽ ٻيو سامان ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ان دوران مزاحمت تي هٿياربند ڦورن فائرنگ ڪري نوجوان سليم چانڊيو کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا. اهڙي اطلاع ملڻ تي سندس وارث ۽ بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ تعلقه اسپتال ميھڙ پهچايو پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو. جڏهن ته پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.