ميهڙ جي عدالت ۾ فائرنگ، حاضري تي آيل 2 ڀائر سئوٽ سميت قتل ٿي ويا، ميهڙ جي عدالت ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، حاضري تي آيل 2 ڀائر سئوٽ سميت قتل ٿي ويا، فائرنگ ۾ هڪ اهلڪار زخمي ٿي پيو.فائرنگ ۾ خيرپورناٿن شاهه جي ڳوٺ ڇوڙ قمبر واسي زاهد، سندس ڀاءُ محبوب ۽ سئوٽ ستار کونهارو قتل ٿي ويا.فائرنگ سبب وڪيلن ۽ عملي ۾ ڀاڄ پئجي وئي، جوابدار اشرف، ضمير ۽ ستار کونهارو گرفتاري ڏئي ڇڏي آهي.ٻڌايو پيو وڃي ته 2020ع ۾ کونهارا ڌرين ۾ زمين جي تڪرار تان جهيڙي ۾ حاجي نظير ۽ مختيار کونهارو مارجي ويا هئا.اهڙي اطلاع ملڻ تي ايس ايڇ او اي سيڪشن، ايس ايڇ او بي سيڪشن ۽ انچارج ون فائيو وڏن پوليس اٽالن سان پهچي عدالت جو گهيرو ڪري ورتو.