ميٺادر ٿاڻي جي پوليس اهلڪارن کي شاندار ڪارڪردگي تي اعزاز، نقد انعام پڻ عطا”

ڪراچي ( رپورٽر) ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو پاران ميٺادر ٿاڻي جي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي شاندار ڪارڪردگي تي تعريفي اسناد عطا ڪيا ويا، جڏهن ته ڪراچي فارما آرگنائزيشن جي جنرل سيڪريٽري محمد اسلم پولاني پاران انهن کي نقد انعام پڻ ڏني وئي .تقريب دوران پوليس چيف پاران ڊسٽرڪٽ سٽي جي ميٺادر ٿاڻي جي انهن آفيسرن ۽ اهلڪارن کي خصوصي ساراهه ملي، جن جرائم جي روڪٿام ۽ امن امان جي بحاليءَ لاءِ نمايان خدمتون انجام ڏنيون. ان موقعي تي ڪراچي فارما هول سيل آرگنائزيشن جي جنرل سيڪريٽري محمد اسلم پولاني طرفان پڻ جرئت مند اهلڪارن جي همت افزائي ڪندي کين نقد انعام ڏني وئي ، جن جي حوصله افزائي کي وڏي اهميت ڏني وئي. اعزاز ماڻيندڙ آفيسرن ۽ اهلڪارن ۾ ايس ايس پي سٽي عارف عزيز، ڊي ايس پي شبير، انسپيڪٽر نصير تنولي، اي ايس آءِ طارق مقبول، ايس اي آءِ اورنگزيب ۽ ڪانسٽيبلاڻ دانش سليم، محمد اظهر، شاهد علي، فيضان علي، اسماعيل، محمد علي، نادر نيازي، محمد فاروق، زاهد حنيف ۽ راحيل شامل آهن. شهر جي امن لاءِ پوليس جي اهڙي ڪارڪردگي کي عوامي حلقن پاران به ساراهيو ويو آهي.