ميٽرڪ جي ملتوي ٿيندڙ امتحانن جي نين تاريخن جو اعلان

اسلام آباد : ميٽرڪ جي ملتوي ٿيندڙ امتحانن جي نين تاريخن جو اعلان ڪيو ويو آهي.نئين شيڊيول موجب ملتوي ٿيل امتحانن جي شروعات 17 مئي کان ٿيندي، 17 مئي تي ترجمه القرآن ۽ اخلاقيات جو امتحان ٿيندو، 18 مئي تي ڪيمسٽري ۽ جنرل سائنس جو امتحان ورتو ويندو.19 مئي تي اسلاميات ۽ سيرت الرسول صه جو پرچو ٿيندو، لاهور بورڊ سميت پنجاب جي سڀني بورڊن تي نئون شيڊيول لاڳو ٿيندو.
هوڏانهن فيڊرل بورڊ آف انٽرميڊئيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن اسلام آباد به ميٽرڪ جي ملتوي ٿيندڙ پرچن جي نين تاريخن جو اعلان ڪيو آهي.امتحانن جي ڪنٽرولر موجب انٽرميڊئيٽ جي به نين تاريخن سان ڊيٽ شيٽ جاري ڪئي وئي آهي، نين تاريخن جو شيڊيول فيڊرل بورڊ جي ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ڪيو ويو آهي.