مٽياري شھر جي مير حسن محلي جو ڏهه ڏينهن کان ٽراسفامر سڙي وڃڻ ڪري رهواسين جو پريس ڪلب اڳيان ۾ احتجاج

مٽياري شھر جي مير حسن محلي جو 10 ڏينهن کان ٽراسفامر سڙي وڃڻ ڪري رهواسين پاران پريس ڪلب اڳيان ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.مظاھرين جن ۾ وليد ميمڻ، رضا ميمڻ، تعمير لاکو، عبدالستار، محمد بچل ۽ ٻين ميڊيا جي اڳيان دانھندي چيو ته 10 ڏينهن کان وڌيڪ ڏينهن ٿيا آهن، اسان جي پاڙي جو ٽرانسفارمر سڙي ويو آهي، واپڊا عملي کي شڪايتون ڪري ٿڪجي پيا آهيون پوءِ به ٽراسفامر نه پيو لڳائي ڏنو وڃي، بجلي نه هجڻ ڪري اسان پريشان ٿي ويا آهيون.مظاھرين جو چوڻ ھو ته اسان اعلا عملدارن کان مطالبو ٿا ڪيون ته اسان جي پاڙي ۾ ٽراسفامر خراب آهي، انهن کي جلد مرمت ڪري اسان کي بجلي ڏني وڃي.