مٽي جو تيل 3.15 رپيا في لٽر مهانگو، پيٽرول ساڳي قيمت تي برقرار

اسلام آباد: حڪومت پيٽرول جي قيمت 264 رپيا 61 پيسا في لٽر تي برقرار رکڻ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته هاءِ اسپیڊ ڊیزل ۽ مٽي جي تيل جي قيمتن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.نئين نوٽيفڪيشن موجب ڊیزل جي قيمت ۾ 2 رپيا 78 پيسا اضافو ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ اها 272 رپيا 77 پيسا في لٽر ٿي وئي. مٽي جو تيل به 3 رپيا 15 پيسا مهانگو ٿيڻ بعد 179 رپيا 96 پيسا في لٽر مقرر ڪيو ويو آهي.واضح رهي ته حڪومت هر 15 ڏينهن بعد پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ تبديلي ڪندي آهي. ياد رهي ته پهرين سيپٽمبر تي پيٽرول جي قيمت ساڳي برقرار رکندي، ڊیزل جي قيمت ۾ 3 رپيا في لٽر گهٽتائي ڪئي وئي هئي.