سنڌ :جي 24 ضلعن جي 63 تڪن تي مڪاني چونڊ لاءِ ووٽنگ جا غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب پ پ ڪامياب ٿي وئي آهي. ڪراچي ۾ 11 مان 7 يوسيز ۾ پيپلز پارٽي جي ڪاميابي تي جيالن جو جشن، جڏهن ته جماعت اسلامي ڌانڌلي جو الزام لڳائي ڇڏيو.
مڪاني چونڊن جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب ڪراچي جي 11 مان 7 يوسيز تي پ پ ڪاميابي حاصل ڪري ورتي. جڏهن ته 4 يوسيز تي جماعت اسلامي ڪامياب ٿي. حيدرآباد ۾ 4 يوسيز جا غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجا به سامهون اچي ويا آهن جنهن ۾ پيپلز پارٽي 2 ۽ پي ٽي آءِ هڪ يوسي کٽي ورتي، هڪ تي آزاد اميدوار ڪامياب جڏهن ته جهيڙي سبب هڪ يوسي تي پولنگ معطل ڪئي وئي.
غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب حيدرآباد ۾ وارڊز جي 9 سيٽن مان 5 تي پيپلز پارٽي ڪامياب، پي ٽي آءِ 2 ۽ 2 سيٽن تي آزاد اميدوار ڪامياب ٿي ويا. ڪراچي جي ٽوٽل 246 مان 98 سيٽن تي سوڀ ماڻي پيپلز پارٽي پهرين، 89 سيٽن سان جماعت اسلامي ٻئين ۽ 42 سيٽون کٽي پاڪستان تحريڪ انصاف ٽئين نمبر تي اچي وئي. مسلم ليگ(ن) 7، جي يو آءِ 2، تحريڪ لبيڪ ۽ آزاد اميدوار هڪ هڪ سيٽ کٽڻ ۾ ڪامياب ٿيا جڏهن ته 6 سيٽن جا نتيجا اليڪشن ڪميشن روڪي رکيا آهن.
ٻئي طرف نتيجا تبديل ڪرڻ جو الزام لڳائيندي جماعت اسلامي طرفان احتجاجي مظاهرو ڪندي سخت نعريبازي ڪئي وئي. جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم ڪراچي جي 8 يوسيز ۾ ڌانڌلي جو الزام لڳائيندي چيو ته اڄ ٻنپهرن جو هڪ وڳي فارم 11 جو جائزو وٺڻ جي يقين ڏيارڻ تي احتجاج ملتوي ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته پيپلز پارٽي اليڪشن ڪميشن سان ملي نتيجا تبديل ڪيا، جعلي نتيجا ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين.
غيرسرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب ٽنڊو باگو ٽائون ڪميٽي جي وارڊ نمبر 7 تي پ پ اُميدوار سڪندر شاهه 891 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو وارڊ نمبر پنج تي به پ پ اُميدوار راجا سهيل ميمڻ 406 ووٽ کڻي ڪامياب، نوابشاهه ۾ ايڇ ايم خواجه يونين ڪميٽي جي وارڊ نمبر 4 تي پ پ اُميدوارعبدالعزيز انصاري 902 ووٽ کڻي کٽي ويو جيڪب آباد جي يوسي 18 جي وارڊ نمبر 2 ۾ پ پ جو امير علي دايو 239 ووٽ کڻي ڪامياب، روهڙي ميونسپل ڪميٽي جي وارڊ نمبر 11 ۾ پ پ اُميدوار حبيب الله ڪٽپر 595 ووٽ کڻي ڪامياب، شهدادپور جي ٽائون ڪميٽي جٽيا ۾ پ پ اُميدوار رمضان راجپوت 562 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو
سجاول جي يوسي کيرال ۾ جنرل ڪائونسل جي سيٽ تي پ پ اُميدوار عبداللطيف رانٽو 116 ووٽ کڻي ڪامياب، اوٻاوڙو جي وارڊ نمبر 6 ۾ پ پ اُميدوار احمد خان سيلرو 1326 ووٽ کڻي سوڀارو ٿيو ڪوٽڙي ميونسپل ڪميٽي جي وارڊ 13 ۾ پ پ اُميدوار زبير پٺاڻ 847 ووٽ کڻي ڪامياب، پنو عاقل جي يوسي بائجي ۾ چيئرمين لاءِ پ پ اُميدوار شفقت ڀٽو 3 هزار 13 ووٽ کڻي سوڀارو ٿيو
ميهڙ جي يوسي سنڌي ٻٽڙا تي پ پ اُميدوار شوڪت علي ٻٽڙو چيئرمين ۽ اعجاز علي چانڊيو وائيس چيئرمين جي عهدي تي 2 هزار 808 ووٽ کڻي سوڀارا، محرابپور جي وارڊ هڪ تي جنرل ڪائونسلر لاءِ پ پ اُميدوار ٽالپر 840 ووٽ کڻي سوڀارو ٿي ويو