نادرا جي سڃاڻپ ڪارڊ بابت اهم هدايت جاري

نادرا نون نوان شناختي ڪارڊ ۽ تجديد ڪرائيندڙ شهريَن لاءِ اهم هدايت جاري ڪري ڇڏي آهي. اداري موجب اهي ماڻهو جيڪي درخواست جمع ڪرائڻ کان پوءِ مقرر وقت تي پنهنجو شناختي ڪارڊ وصول نٿا ڪن، انهن کي بعد ۾ مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو.

نیشنل ڊيٽابيس رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) واضح ڪيو آهي ته ملڪ ۽ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جا شناختي دستاويز جاري ڪرڻ جو اختيار صرف نادرا وٽ آهي، تنهنڪري شهري پنهنجن درخواستن ۽ دستاويزن بابت سڀ هدايتون لازمي طور تي پيروي ڪن.

جاري ڪيل اعلاميي ۾ چيو ويو آهي ته شناختي ڪارڊ تيار ٿيڻ بعد شهري جلد کان جلد ان کي لاڳاپيل آفيس مان وصول ڪن. جيڪڏهن ڪو شخص مقرر وقت گذرڻ باوجود پنهنجو ڪارڊ وصول نٿو ڪري ته ڊليوري جي آخري تاريخ کان ٽي مهينا پوءِ اهو ڪارڊ ضايع ڪيو ويندو.

اعلاميي مطابق اهڙن ماڻهن کي ٻيهر شناختي ڪارڊ حاصل ڪرڻ لاءِ نئين درخواست جمع ڪرائڻي پوندي ۽ فيس به ٻيهر ادا ڪرڻي پوندي.

نادرا شهريَن کي صلاح ڏني آهي ته اهي پاڪ آءِ ڊي موبائل ايپ يا نادرا آفيس ۾ درخواست ڏيندي هوم ڊليوري جو آپشن چونڊين، ته جيئن شناختي ڪارڊ آساني سان گهر ويٺي وصول ڪري سگهجي.