اسلام آباد: نادرا پاڪستان ۾ 4 آگسٽ کان 11 آگسٽ 2025 تائين اقليتي برادرين جي رجسٽريشن لاءِ ھڪ خاص مھم شروع ڪري ڇڏي آهي، جيڪا يومِ اقليت جي مناسبت سان هلائي پئي وڃي.
🎯 مقصد: سڃاڻپ، برابري، ۽ بنيادي حقن تائين آسان رسائي
نادرا موجب: “اوهان کي هر ٻئي شهري جيان برابر جا حق حاصل آهن”
مھم ذريعي اقليتن کي تعليم، صحت، ۽ چونڊ عمل ۾ ڀرپور شراڪت ڏيڻ لاءِ سڃاڻپ ڪارڊ حاصل ڪرڻ يا تجديد کي آسان بڻايو پيو وڃي.
🚐 موبائيل رجسٽريشن وينز (MRVs) به روانا
اقليتن جي آساني لاءِ ملڪ بھر ۾ موبائل سينٽرز به مقرر ڪيا ويا آهن
شهري پنهنجي ويجهي نادرا سينٽر تي وڃي به رجسٽريشن ڪرائي سگهن ٿا
📱 آن لائن ملازمت جي نئين سهولت
هاڻ پاڪستاني شهري پاک آئي ڊي (Pak ID) ايپ ذريعي سرڪاري نوڪرين لاءِ سڌو موبائل تان درخواستون ڏئي سگهن ٿا
صارفين لاءِ سنگل سائن آن (SSO) ذريعي نادرا ڪيريئر پورٹل تائين رسائي موجود آهي