نارا ڪئنال ۾ وهڪرا وڌي ويا، گھارا پوڻ جو خدشو، ڀرپاسي جي رهواسين ۾ خوف ڇانيل

نارا ڪئنال پاڻي وهڪرن ۾ واڌ اچڻ بعد بند ۾ گهارو پوڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي، ان ڏس ۾ سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جي سطح ۾ لڳاتار واڌ ۽ سکر بئراج تي پاڻي جي آمد ۽ نيڪال ۾ تيزيءَ سبب سنڌ جو وڏو ۽ اهم نارا ڪئنال خطري جي نشاني تي اچي وئي آهي روهڙي لڳ ٽنڊو ٻوراهو جي ويجهو ڳوٺ ولي محمد عمراڻي ۽ ٻڍو خان عمراڻي وٽ نارا ڪئنال جي بچاءُ بند تي پاڻي جي دٻاءَ ۾ خطرناڪ واڌ سبب ڪنهن به وقت وڏو روڻ پوڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. پاڻي جي تيز وهڪري بند جي ڪنارن کي ڪٽي ڇڏيو آهي، مقامي ذريعن موجب جيڪڏھن بند ٽٽي پيو ته ڳوٺن اندر پاڻي داخل ٿي سگهي ٿو جنهن سان سوين خاندان متاثر ٿيندا سوين ايڪڙن تي مشتمل زرعي زمين کجين ۽ انبن جي باغن سميت ٻيا فصل مڪمل طور تي تباهه ٿي سگهن ٿا، جنهن سان آبادگارن کي سخت معاشي نقصان جو کي منهن ڏيڻو پوندو، روڻ پوڻ ۽ بند ٽٽڻ سبب ڳوٺاڻن علائقن ڏانهن ويندڙ روڊ رستا پاڻي هيٺ اچي سگهن ٿا، جنهن سان امدادي ڪارروايون پڻ متاثر ٿي ويندو. اهڙي صورتحال سبب علائقي واسين ۾ خوف پکڙجي ويو آهي ۽ هو پنهنجي مدد پاڻ تحت مٽي ۽ واري جي ڪٽن سان بند جي ڪمزور حصن کي مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳل آهن علائقي واسين آبپاشي کاتي ۽ ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪيو آهي ته صورتحال کي نظر ۾ رکندي هنگامي قدم کڻي ڳري مشينري ذريعي بند جا ڪمزور ڪپر مظبوط ڪيا وڃن.