ناصر حسين شاهه پاران حارث رئوف تي آءِ سي سي ڏنڊ ادا ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي: پ پ اڳواڻ ۽ سنڌ جي بلديات واري وزير ناصر حسين شاهه قومي ڪرڪيٽر حارث رئوف تي آءِ سي سي طرفان لڳايل ڏنڊ پنهنجي کيسي مان ادا ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي۔ سوشل ميڊيا سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل پوسٽ ۾ ناصر حسين شاهه چيو ته “حارث رئوف ۽ صاحبزاده فرحان بهادر انسان آهن، حارث تي ڏنڊ جيڪڏهن 300 سيڪڙو به هوندو ته اسان پوري قوم انهي سان گڏ بيٺل آهيون”۔ هن وڌيڪ چيو ته حارث رئوف جي ڏنڊ جي رقم مان پنهنجي کيسي مان ادا ڪندس۔ ياد رهي ته ان کان اڳ ذريعن دعويٰ ڪئي هئي ته چيئرمين پي سي بي محسن نقوي به اهڙو ئي اعلان ڪيو هو ته حارث رئوف تي لڳايل ڏنڊ هو پاڻ ڀريندو۔ واضح رهي ته ايشيا ڪپ ۾ 21 سيپٽمبر تي ڀارت خلاف ميچ ۾ صاحبزاده فرحان ففٽي اسڪور ڪرڻ بعد خوشي ۾ بيٽ کي گن ٺاهي فائر ڪرڻ جو اشارو ڪيو هو، جڏهن ته فاسٽ بالر حارث رئوف به وڪيٽ حاصل ڪرڻ ۽ بائونڊري تي فيلڊنگ دوران ڀارتي تماشائين کي هوٽنگ جو جواب ڏيندي جهاز تباهه ٿيڻ جو اشارو ڪيو هو۔ گذريل ڏينهن ڪرڪيٽ ويب سائيٽ جي رپورٽ موجب ميچ ريفري حارث رئوف کي آءِ سي سي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي ڀڃڪڙي جو مرتڪب قرار ڏيندي سندس ميچ فيس جو 30 سيڪڙو ڏنڊ لڳايو، جڏهن ته صاحبزاده فرحان خلاف ڪا ڪارروائي نه ڪئي وئي ۽ کيس صرف وارننگ ڏني وئي۔