ناليواري ليکڪ سائين عزيز ڪنگراڻي جو ننڍو ڀاءُ ليکڪ، ڪهاڻيڪار، ڊراما نويس ۽ صحافي ماڻڪ ڪنگراڻي لاڏاڻو ڪري ويو. ماڻڪ ڪنگراڻي دل جي تڪليف سبب اڄ فجر وقت ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، ماڻڪ ڪنگراڻي جو مڙهه سندس اباڻي شهر جوهي روانو ڪيو ويو آهي. جڏهن ته مرحوم جي تدفين 2وڳي جوهي ويجهو ڳوٺ ماڻڪ ڪنگراڻي جي حسن درويش قبرستان ۾ ڪئي ويندي .