فيصل آباد: ن ليگ جي سينيئر نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته قوم ثاقب نثار ۽ پاناما بئنچ کي ڪڏهن معاف نه ڪندي، پاڪستان ترقي ڪري رهيو هو ته نواز شريف کي ڪڍي ملڪ سان دشمني ڪئي وئي.
فيصل آباد ۾ ورڪرز ڪنوينشن سان خطاب ڪندي مريم نواز چيو تاريخ شاهد آهي ته نواز شريف 3 ڀيرا وزيراعظم بڻيو ۽ ملڪ مٿي ويو، نواز شريف ۽ پاڪستان جي ترقي پاڻ ۾ جڙيل آهن، شهباز شريف حڪومت جا هٿ عمران خان جي ڪيل آءِ ايم ايف معاهدي ۾ ٻڌل آهن.هن چيو ته نواز شريف جي قيادت ۾ ملڪ ترقي ڪري رهيو هو پر پاناما بئنچ کي تڪليف ٿي ۽ نواز شريف کي ٻاهر ڪيو ويو، ان ڏينهن کان پاڪستان جي ترقي به بيهجي وئي، نواز شريف کي ڪڍندڙ ۽ عمران خان کي آڻيندڙ ثاقب نثار کي قوم ڪڏهن معاف نه ڪندي، هڪ نشائي کي مڙهيندڙن کي قوم ڪڏهن معاف نه ڪندي.