بينظير نشوونما پروگرام: ٻارن جي صحت ۽ مائرن جي بهتري لاءِ اهم قدم
بينظير نشوونما پروگرام مان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ عورتن جو بي آءِ ايس پي ڪفالت پروگرام ۾ باقاعده رجسٽرڊ هجڻ ضروري آهي، ۽ رجسٽريشن لاءِ هيٺ ڏنل شرطون پوريون ڪرڻ لازمي آهن:
رجسٽريشن جون شرطون:
حاملہ (ڄاڻندڙ) عورتون
دودھ پياريندڙ مائرون
ٻار جي عمر 0 کان 23 مهينن (يعني 2 سال کان گهٽ)
پروگرام ۾ شموليت جو طريقو:
پروگرام ۾ رجسٽريشن لاءِ تحصيل/ضلعي هيڊڪوارٽر اسپتال ۾ نشوونما مرڪز قائم ڪيا ويا آهن.
جيڪڏهن توهان مٿين سڀني شرطون پوريون ڪريو ٿا ته مهرباني ڪري نشوونما مرڪز تي پاڻ تشريف وٺي وڃو.
رجسٽريشن لاءِ ضروري دستاويزات:
عورت جو نادرا طرفان جاري ڪيل قومي سڃاڻپ ڪارڊ
ٻار جو نادرا جو جاري ڪيل بي فارم
ٻار جو حفاظتي ٽيڪن جو ڪارڊ (ويڪسين ڪارڊ)
پروگرام مان ملندڙ سهولتون:
حاملہ عورتن کي هر ٽن مهينن (سَه ماهي) تي 2500 رپيا ڏنا ويندا.
ٻار جي ڄمڻ تي:
پٽ لاءِ: 2500 رپيا
نياڻي لاءِ: 3000 رپيا (جن ۾ 500 رپيا سفري خرچ به شامل آهن)
اها مالي مدد ٻار جي عمر 2 سال ٿيڻ تائين ڏني ويندي.
اهو پئسو بي آءِ ايس پي ڪفالت پروگرام کان علاوه آهي.
حاملہ ۽ دودھ پياريندڙ مائرن ۽ ٻن سالن کان ننڍن ٻارن کي خاص غذائي شيون پڻ مهيا ڪيون وينديون ته جيئن سندن صحتمند نشوونما ٿي سگهي.
اهم نوٽ:
قومي غذائي سروي 2018 موجب:
5 سالن کان ننڍا تقريباً 40٪ ٻار غذائي کوٽ جو شڪار آهن، جن جي جسماني ۽ ذهني واڌ ويجهه مڪمل نٿي ٿئي.
تقريباً 18٪ ٻارن جو وزن عمر جي حساب سان گهٽ آهي.
حاملہ ۽ دودھ پياريندڙ عورتن ۾ به غذائي کوٽ وڏي سطح تي موجود آهي.
ٻار جي زندگي جا پهريان 1000 ڏينهن (حمل جي شروعات کان ٻار جي 2 سال جي عمر تائين) نهايت اهم آهن.
ان عرصي دوران عورتن ۽ ٻارن کي غذائي مدد فراهم ڪرڻ لاءِ “نشوونما پروگرام” شروع ڪيو ويو آهي.