ننگرپارڪر: ٿر جيپ ڊيزرٽ ريس سالياني ڪئلينڊر جو حصو، فاتحين ۾ هڪ ڪروڙ رپيا انعام ورهايا ويا

ننگرپارڪر سنڌ حڪومت ٿر جيپ ڊيزرٽ ريس کي سالياني راندين جي ڪئلينڊر ۾ شامل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. سنڌ جي راندين واري وزير سردار محمد بخش مهر چيو آهي ته راندين کاتو ٿر جيپ ڊيزرٽ ريس کي هر سال منعقد ڪرڻ لاءِ سالياني ڪئلينڊر جو حصو بڻائيندو، جيئن ٿر ۾ هر سال جيپ ريس جو شاندار ميلو لڳي. اهي ڳالهيون هن ننگرپارڪر ۾ ٿيندڙ ٽن ڏينهن واري ٿر جيپ ڊيزرٽ ريس جي اختتامي تقريب دوران ڪيون، جتي هن مختلف ڪيٽيگريز جي ڪامياب ڊرائيورن ۾ هڪ ڪروڙ رپين جي روڪ رقم ۽ 35 شيلڊون ورهايون. ردار محمد بخش مهر وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت طرفان ڊرائيورن لاءِ مفت رجسٽريشن، رهائش، ايندھن ۽ ٽرانسپورٽ فراهم ڪئي وئي. هن چيو ته “ٿر ڊيزرٽ چئلينج” نه رڳو ريگستاني راندين پر سياحت جي به وڏي امڪانن کي اجاگر ڪري ٿو. پروفيشنل A ڪيٽيگري ۾ رڪن اسيمبلي مير نادر مگسي اول نمبر تي رهيو، جنهن کي پنج لک رپين جو چيڪ ڏنو ويو. موٽر سائيڪل ريس ۾ پنجاب جي ذيغم پهرين پوزيشن حاصل ڪري ڏيڍ لک رپين جو چيڪ کٽيو. وزير مڪيش ڪمار چاولا کي به ريس جي فتح تي روڪ انعام ۽ ٽرافي ڏني وئي، جڏهن ته مختلف ڪيٽيگريز جي ڊرائيورن ۾ 35 ٽرافيون ورهايون ويون. هن ريس ۾ 65 جيپ ڊرائيورن ۽ 12 موٽر سائيڪل ڊرائيورن حصو ورتو. تقريب ۾ وزير مڪيش ڪمار چاولا، ثقافت وارو وزير ذوالفقار علي شاهه، نادر مگسي، قومي اسيمبلي جو رڪن عامر مگسي، قاسم سراج سومرو، سيڪريٽري راندين عبدالعليم لاشاري، ڊائريڪٽر راندين اسد اسحاق، اسپورٽس آفيسرن ۽ ٻين شرڪت ڪئي