نوابشاهه ۾ زمين جي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻن سڳن ڀائرن سميت 6 ڄڻا مارجي ويا آهن. پوليس موجب واقعو نوابشاهه جي علائقي ڪيريا موري جي ڀرسان پيش آيو جتي زمين جي پراڻي تڪرار تان ڀنگوار برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿيو جنهن دوران 6 ڄڻا قتل ٿي ويا پوليس موجب ڀنگوار برادري جي هڪ ڌر جا 4 ڄڻا جيل ۾ آهن جن تي قتل جو ڪيس داخل آهي، انهي سلسلي ۾ مقتول عدالت ۾ پيشي لاءِ وڃي رهيا هئا ته مخالفن سندن مٿان فائرنگ شروع ڪري ڇڏي انهي حوالي سان ٻڌايو پيو وڃي ته هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ڳوٺ اسحاق ڀنگوار واسي ٻن سڳن ڀائرن سميت 6 ڄڻا قتل ٿي ويا آهن. 10 سال اڳ ڀنگوار برادري وچ ۾ ٻن ڄڻن جي قتل بعد تڪرار هلندڙ هو، هن وقت تائين ٻنهي ڌرين جا 8 ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن. جهيڙيندڙ ڌرين وچ ۾ ٺاهه لاءِ برادري جي چڱن مڙسن ڪوششون ورتيون هيون، نياڻيون قرآن پاڪ کڻي ميڙ کڻي پهتيون هيون پر جوابدار ڌر فيصلي لاءِ راضي نه ٿي هئي اڄ قتل ٿيل 6 ڄڻا موٽر سائيڪلن تي سوار ٿي نوابشاهه جي عدالت ۾ شنوائي تي وڃي رهيا هئا ته مخالف گهات هڻي ويٺل هٿياربندن فائرنگ ڪري ٻن سڳن ڀائرن سميت 6 ڳڀرو نوجوانن کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا قتل جي واقعي بعد ايس ايس پي شهيد بينظير آباد سخت نوٽيس وٺڻ بعد جوابدارن جي گهرن کي باهيون ڏئي ڳري مشينري سان گهرن کي ڊاهي پٽ ڪيو ويو، جڏهن ته پوليس جوابدارن جو چوپايو مال پڻ ڪاهي گاڏين ۾ هڻي ٿاڻي تي منتقل ڪري ڇڏيو آهي. پوليس موجب هن وقت تائين ڪارروائي دوران 3 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويلن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن جتي سندن جي سڃاڻپ فرمان، قربان، شهباز جي نالن سان ڪئي وئي آهي، ٻئي طرف علائقي ۾ چوٻول آهن ته مخالفن جي 2010 کان پاڻ ۾ دشمني هئي، جنهن تان اهو واقعو پيش آيو آهي.