نواز شريف سان عون چوڌري جي ملاقات، جهانگير ترين جو پيغام پهچايائين

لنڊن: ن ليگ قائد نواز شريف سان وزيراعظم جي خاص مددگار عون چوڌري لندن ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ملڪي سياسي صورتحال سميت ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.عون چوڌري نواز شريف کي جهانگير ترين جو پيغام پهچايو ۽ سندس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار به ڪيو.ملاقات ۾ عون چوڌري چيو پاڪستاني عوام جي خواهش آهي ته توهان جلد صحتياب ٿي واپس ڏيهه اچو، توهان جي قيادت ۾ پاڪستان اڳ به ترقي ڪئي، توهان ۾ ملڪي معاملا بهتر انداز ۾ هلائڻ جي صلاحيت موجود آهي.نواز شريف ملڪي معاملن تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي عون چوڌري کي جلد ڏيهه موٽڻ جي خاطري ڪرائي.صحافين سان ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته الله پاڪ جو وڏو احسان آهي جو ان پنهنجي گهر گهرايو، وڏي وقت کانپوءِ حاضري جو موقعو مليو، مان پاڪستان جي سلامتي لاءِ دعائون گهريون، الله پاڪ پاڪستان تي رحم ڪري.هن چيو ته پي ٽي آءِ جي ڊيمانڊ گذريل 20 سالن کان سڀني جي سامهون آهي، تحريڪ انصاف جي ڊيمانڊ جو ڪو منهن ۽ سِر ناهي.