وزيراعظم جي بين الصوبائي معاملن واري صلاحڪار راڻا ثناءُالله چيو آهي ته نوازشريف ۽ شهباز شريف پپيلز پارٽي سان ڳالهين جي ذريعي مسئلا حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ راڻا ثناءُالله چيو ته سنڌ جي پاڻي سميت وسيلن جي منصفاڻي ورهاست تي مڪمل يقين رکون ٿا. پيپلز پارٽي وفاق جو حصو آهي، آئيني عهدن تي رهندي وڌيڪ ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اسان کي پيپلز پارٽي جي اڳواڻي جو تمام گهڻو احترام آهي. 1991 ۾ صوبن جي وچ ۾ ٿيل معاهدي ۽ ارسا ايڪٽ جي موجودگي ۾ ڪنهن سان به ناانصافي نٿي ٿي سگهي ڪنهن صوبي جو پاڻي ٻئي صوبي جي حصي ۾ نٿو وڃي سگهي. وزيراعظم جي صلاحڪار وڌيڪ چيو ته انهي معاملي کي قيني بنائڻ جي لاءِ ملڪ ۾ آئيني طريقيڪار ۽ قانون موجود آهن. پاڻي جي مسئلي تي سياست نه ڪرڻ گهرجي. معاملا ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ گهرجن.