نوشهره ۾ زهريلي شراب پيئڻ سبب 6 ڄڻا فوت، 9 جي حالت ڳڻتي جوڳي

پنجاب جي شهر نوشهره جي علائقي نظام پور ۾ زهريلي شراب پيئڻ سبب 5 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته 9 جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.پوليس موجب فوت ٿي ويل ماڻهن ۾ 3 جو تعلق اٽڪ سان آهي جڏهن ته 3 جو تعلق نوشهره جي علائقي نظام پور سان ٻڌايو پيو وڃي. پوليس موجب فوت ٿي ويل ۽ متاثر ماڻهو شادي ۾ شرڪت جي لاءِ آيا هئا جتي غير معياري زهريلي شراب پيئڻ سبب اهو واقعو پيش آيو آهي.پوليس موجب واقعي جي هر رخ کان جاچ ڪئي پئي وڃي، فوت ٿي ويلن جا لاش سندن وارث کڻاڻي اباڻي علائقن طرف روانا ٿي ويا آهن،  واقعي کان پوءِ شادي جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون.