نيب ترميم ڪيس جي فيصلي سان 190 ملين پائونڊ ڪيس تي ڪوبه اثر نه پوندو: اڳوڻو نيب پراسيڪيوٽو

 اڳوڻي نيب پراسيڪيوٽر عمران شفيق چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي نيب ترميم بابت فيصلي جو پي ٽي آءِ باني جي خلاف 190 ملين پائونڊ ڪيس تي ڪوبه اثر نه پوندو.نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي عمران شفيق چيو ته پي ٽي آءِ باني جيڪو ڳجهو معاهدو ڪابينه ۾ پيش ڪيو ان جي  ته منظوري اڳ ئي ڏني وئي هئي جيڪا اها ڳالهه ثابت ڪري ٿي ته اهو ڏوهاري فعل هو.هن چيو ته نيب موجب القادر ٽرسٽ انهي لاءِ جوڙيو ويو ته جيئن 190 ملين پائونڊ معاملي کي سٺو رنگ ڏئي سگهجي. سپريم ڪورٽ جي نيب ترميم بابت فيصلي جو ڪوبه اثر پي ٽي آءِ باني جي خلاف 190 ملين پائونڊ ڪيس تي نه پوندو.ٻئي طرف پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو ته نيب ترميم جي درخواست رد ڪرڻ سان  پي ٽي آءِ باني چيئرمين کي 2 فائدا ٿيا آهن، هڪ اهو ته توشه خانه ۾ 3 يا 4 ڪروڙ جو ڪيس  آهي جيڪو هاڻ نٿو هلائي سگهجي ۽ ٻيو اهو ته 190 ملين پائونڊ ڪيس به نٿو هلي سگهي ڇو ته ان ۾ ذاتي مفاد شامل آهي.ياد رهي ته سپريم ڪورٽ نيب ترميم ڪالعدم ڏيڻ جي خلاف وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جون انٽرا ڪورٽ اپيلون منظور ڪندي نيب ترميم کي بحال ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته عمران خان نيب ترميم ڪالعدم قرار ڏيڻ جي حوالي سان عدالت کي قائل نه ڪري سگهيو.