مسلم ليگ(ن) جي ترجمان ۽ سينئر صوبائي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته نئين نيب قانون کي غلط چوندڙ پاڻ سڀني کان پهريان رليف جي درخواست ڏني.پنهنجي هڪ بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته رياست جي خلاف منصوبه بندي ڪري حملو ڪرڻ جي ڏوهه جي ڪابه معافي نه آهي. اين آر او جي خيرات گهرندڙ چاهي جلسو ڪري، ڳوڙها ڳاڙي، رڙيون ڪري پر کيس سزا ضرور ملندي.هن چيو ته نئين نيب قانون جي تحت رليف جي پهرين درخواست 9 مئي جي ڏوهاري ڏني آهي. جنهن نيب قانون کي چورن جو قانون قرار ڏنو. هن پاڻ سڀني کان پهرين رليف جي درخواست ڇو ڏني.مريم اورنگزيب چيو ته اهو شخص جيڪو گهڙي ۽ توشه خانه جو چور آهي ۽ 190 ملين پائونڊ جو ڏوهاري آهي، اهو ٻين تي ڪيچڙ اڇلائڻ جي آڙ ۾ پاڻ اين آر او وٺي ڀڄڻ چاهي ٿو. هي شخص روزاني اين آر او جي خيرات گهرندو آهي پر پنهنجي ڏوهه جو حساب نٿو ڏئي.صوبائي وزير وڌيڪ چيو هي جنهن کي چور چوندو هو انهي ساڳئي شخص جي هوندي سندس ظلم جو نشانو بڻيا، جڏهن انهن پنهنجي هر الزام جو جواب ڏنو، قيد ڪاٽي ۽ عدالتن مان سرخرو ٿيا پر اين آر او جي خيرات نه گهري.