نيب 88 ارب روپين کان وڌيڪ جون وصوليون ڪري ورتيون، 86 ارب ادارن کي واپس

 نيب ٽن مهينن جي وصولين جا تفصيل جاري ڪندي ٻڌايو ته قومي احتساب بيورو(نيب) سال 2025 جي پهرين ٽن مهينن(جنوري کان مارچ) جي دوران 88 ارب روپين کان وڌيڪ جي رقم هٿ ڪري ورهائي ڇڏي. نيب طرفان جاري ڪيل تفصيلن موجب هٿ ڪيل رقم مان 20847 ارب روپين جي سڌو سنئون ۽ 86 ارب روپين جي بالواسطه وصوليون شامل هيون جن جو تعلق غيرقانوني منتقلي ۽ قبضي بابت ڪيسز ۾ ملوث سرڪاري ۽ نجي ايراضي هو. 8 مهينن ۾ 3 کرب کان وڌيڪ پلي بارگين کان وصول ڪيا ويا، هٿ ڪيل رقم لاڳاپيل متاثر ادارن کي واپس ڪئي وئي آهي. بالواسطه وصولين جي حوالي سان نيب بلوچستان 340 ايڪڙ چلتن پارڪ ۽ 250 ايڪڙ ٻيلي کاتي جي سرڪاري زمين بازياب ڪرائي وئي جنهن جي ماليت 6.45 ارب روپيه آهي. نيب خيبرپختونخواهه سوات يونيورسٽي، روينيو ۽ ٻيلي کاتي جي آفيسرن/اهلڪار انهن جي خلاف انڪوائري ڪيس ۾ 0.56 ارب روپين جي رقم حاصل ڪئي. نيب لاهور ايمپلائيز ڪو آپريٽو هائوسنگ سوسائٽي، اسٽيٽ لائف انشورنس ايمپلائيز ڪو آپريٽو هائوسنگ سوسائٽي، سرور ۽ ميگا ولاز جي ميگا ڪيس ۾ 70.87 ارب روپين جي وصولي ڪئي. نيب ملتان جي ايف ايس سيون ونڊرز هائوسنگ اسڪيم جا 13.206 ملين روپيه هٿ ڪيا ويا جڏهن ته نيب سکر نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي 8.53 ارب روپين جي ماليت جي 610 ايڪڙ ايراضي بازياب ڪرائي. سڌو سنئون ڪيل وصولين جي حوالي سان نيب 9.72 ملين روپيه، وفاقي سرڪار کي 10.80 ملين روپيه صوبائي حڪومتن کي ۽ 73.51 ملين روپيه مختلف کاتن ۽ مالياتي ادارن کي منتقل ڪيا ويا.